پدم راج شرما

پدم راج شرما

پدم راج شرما

پدم راج شرما: راج شرما'>پدم راج شرما سنڌي ٻوليءَ جو اهم ليکڪ آهي. هن جو جنم 7 جنوري 1934ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ رهندڙ سارسوت برهمڻن جي نک شرنگيءَ ۾ ٿيو. سندس پيءُ ديودت ڪندن رام شرما هندي ۽ سنسڪرت جو ناميارو پنڊت، اخبار نويس ۽ ديوناگري لپيءَ جو ماهر ٿي گذريو آهي. پدم شرما جو ننڍپڻ تعليم يافته ۽ والد جي شفقت هيٺ گذريو. هن جو لاڙو ننڍپڻ کان وٺي ادب طرف هو، تيرهن سالن جي عمر ۾ هن جي پهرين تخليقٻال سنديش“ رسالي جي سيپٽمبر 1947ع واري پرچي ۾ شايع ٿي، ان رسالي جا ايڊيٽر موتي پرڪاش ۽ ڪمل پياسي هئا. سندس ڪجهه پروليون آگسٽ- سيپٽمبر 1947ع جي جوت رسالي ۾ شايع ٿيون، جنهن جو ايڊيٽر فادر فرانسيس ڪوٽواڻي هو، جنهن پرمانند ميوارام جي صحبت سبب عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو.
ورهاڱي کان پوءِ اجمير شريف ۾ پڙهائيءَ دوران لکڻ جاري رکيائين. سنـدس ليـک ۽ ڪهـاڻيــون اســڪــول ۽ ڪاليـج جي مـخــزنـن ۽ رسالن ”ڦلواڙي“، ”ڪماري“ ۽ بمبئيءَ جي اخبار ”هند واسي“ ۾ ڇپجنديون رهيون. هن اجمير ۾ ”راشٽر ڀاشا“، ”پرچار سومتي“، ”واردا جو پرچايه“ امتحان 1949ع ۾ پاس ڪيو ۽ سڄي راجسٿان ۾ پهريون نمبر آيو. بعد ۾ ايم. اي، بي، ايڊ ۽ ساهت رتن (الله آباد) جا امتحان پاس ڪيائين. ڪجهه سال اجمير جي جواهر هاءِ اسڪول ۾ ماستري ڪيائين ۽ اتي ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو. ترت سول سروس جو امتحان پاس ڪري پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. هن 1958ع ۾ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (S.P) جو عهدو سنڀاليو ۽ 31 جنوري 1992ع ۾ ايڊيشنل پوليس ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. زندگيءَ جا 34 سال پوليس ورديءَ ۾ ايمانداري ۽ بهادريءَ سان گذاريائين. قتل، دهشتگردي، ڌاڙن ۽ ٻين ڏکين معرڪن ۾ بهادرانه ڪردار ادا ڪرڻ تي پدم شرما کي قدر شناسيءَ جا سونا ٻلا ۽ پروانا مليا. هن راجسٿان ۾ بيڪانير، جئپور، جيسلمير، وغيره جي ريگستاني حدن کان ويندي ”آسام، ارونا پرديش ۽ هماليه جي ٻارهن هزار فٽ اوچائيءَ واري ڀارت چين سرحد تائين ذميواريون سنڀاليون. هي ملڪ جي اهم شخصيتن جي حفاظت تي به مقرر ڪيو ويو، سندس شخصي فوٽن جي البم ۾ ڀارت جي وزيراعظمن ۾ اهم ڪردار رکندڙ نهروءَ کان وٺي راجيو گانڌيءَ تائين سندس حفاظت ڪندي نظر اچي ٿو. ڪٿي راجستان جي دوري تي آيل برٽش حڪومت جي وارث پرنس چارلس جي نظرداري ڪري رهيو آهي. شملا معاهدي تي صحيح ڪرڻ وقت، اندرا گانڌي ۽ (شهيد) ذوالفقار علي ڀُٽي جي پويان بيٺل نظر اچي رهيو آهي. هن کي بهادريءَ جي ڪارنامن سرانجام ڏيڻ عيوض سنگهارام ميڊل ۽ جيتي ميڊل کانسواءِ ڪيترائي تمغا به مليا. 26 جنوري 1986ع تي راجسٿان جي گورنر وسنت راءِ پاٽيل کيس صدر پاران ڏنل انڊين پوليس ميڊل ڏنو. پوليس آفيسر طور هي زبرو، ذهين ۽ جرئتمند آفيسر رهيو.
هي وئشنو (Vegetarian) رهيو آهي، ماس مڇي، سگريٽ توڙي شراب کان پري رهندو هو. سڄي زندگي پاڻ سان سچار ۽ ايماندار رهيو. پوليس کاتي ۾ رهندي به هن جي اديب واري اندرئين شخصيت زنده رهي. سندس تخليقن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(1) راجستان سنڌي اڪيڊميءَ جي گذارش تي پدم شرما پنهنجو پهريون ڪتاب هنديءَ ۾ جديد سنڌي شاعر ڪشنچند بيوس تي لکيو، جيڪو 1985ع ۾ بيوس جي سئو سالا جنم موقعي تي شايع ڪيو ويو.
(2) سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”رحيم راجستاني“ 1989ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن جون 8 ڪهاڻيون شامل آهن، ڪتاب جي عنوان واري ڪهاڻي انگريزي ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي ۽ هن ڪتاب جو مهاڳ پوپٽي هيراننداڻيءَ جو لکيل آهي.
(3) هن جي ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ”روشني جو سوداگر“ 1996ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس 7 ڪهاڻيون شامل آهن، جنهن جو مهاڳ گوبند مالهيءَ لکيو آهي.
(4) سندس چوٿون ڪتاب ”هماليه جي سرحد تي“ (سفر نامو/ مشاهدا) هو. هن ڪتاب ۾ هن ڀارت چين لڙائيءَ جا ڪيترائي مشاهدا درج ڪيا آهن. ڪتاب ۾ هن هماليه جي سرحد جو اکين ڏٺو احوال ڏيڻ سان گڏ، اتان جي مقامي رهواسين جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن ۽ ٻوليءَ وغيره جو ذڪر ڪيو آهي.


لفظ پدم راج شرماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.01.07  عيسوي

پدم راج شرما سنڌي ٻوليءَ جو اهم ليکڪ آهي. هن جو جنم 7 جنوري 1934ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ رهندڙ سارسوت برهمڻن جي نک شرنگيءَ ۾ ٿيو.


1986.01.26  عيسوي

26 جنوري 1986ع تي راجسٿان جي گورنر وسنت راءِ پاٽيل کيس صدر پاران ڏنل انڊين پوليس ميڊل ڏنو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گوبند پنجابي
اسرار شام
حميد سنڌي
ڪشنچند جيٽلي
حسن عابدي
سيد نور رضوي
شعبان بخت
نذير احمد چنا
رسول بخش ٻگھيو گچيرائي
حجاب امتياز علي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون